18 اربع , جولاءِ 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ: پهرين سيمي  فائنل ۾ فرانس بيلجيئم  کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

Football World Cup: First World Cup finals France Belgianum to defeat in finalسينٽ پيٽرزبرگ(اسپورٽس نيوز) فٽبال عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو. روس ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي سيمي فائنل ۾ وڏيون وڏيون ٽيمون هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائي رهيون آهن. سينٽ پيٽرزبرگ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل عالمي ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي 0-1 تان  شڪست ڏئي ڇڏي. سيمي فائنل مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي گول پوسٽ تي حملا ڪندا رهيا پر پهرين هاف ۾ ڪا به ٽيم گول اسڪور ڪرڻ ۾ناڪام رهي. راند جي 51 هين منٽ ۾ فرانس جي سيموئل گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا راند جي پڄاڻي تائين برقرار رهي جڏهن ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي 5 رانديگرن کي ميچ ريفري يلو ڪارڊ ڏيکاريا. فرانس جو فائنل ۾ مقابلو انگلينڊ ۽ ڪروشيا جي ٽيمن مان اڄ ٿيندڙ سيمي فائنل جي فاتح ٽيم سان 15 جولائي تي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريدي ڪوئيٽا پهتو، مستونگ سانحي جي زخمين جي عيادت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڪرڪيٽر شاهد آفريدي مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے