23 آچر , سيپٽمبر 2018

پشاور ۾ ڌماڪو:  اي اين پي اڳواڻ هارون بلور سميت 20 ڄڻا شهيد

bomb blast in peshawar: A 20-member martyr, including ANP leader Hornur Bilur

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي ڪارنر گڏجاڻي دوران آپگهاتي ڌماڪي  جي نتيجي ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ پي ڪي 78 تان اي اين پي جي اميدوار  بيئرسٽر هارون بلور سميت شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي20 ٿي ويو، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زخمين مان 15 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي ليڊي ريڊنگ ۽ خيبر ٽيچنگ اسپال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب آپگهاتي بمبار هارون بلور کي ان وقت نشانو بڻايو جڏهن ڪو ڪارنر گڏجاڻي ۾ داخل ٿيو ۽ اسٽيج ڏانهن وڃي رهيو هو. سي سي پي او پشاور قاضي جميل موجب واقعو رات 11هين وڳي پيش آيو  جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. قاضي جميل بم ڊسپوزل يونٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 8 ڪلو ٽي اين ٽي جو استعمال ڪيو ويو هو. هن جو چوڻ هو ته هارون بلور جي سيڪيورٽي تي پوليس اهلڪار مقرر هئا. اي آءِ جي بم ڊسپوزل شفقت ملڪ آپگهاتي حملي جي تصديق ڪندي چيو ته ان ۾ سٺي معيار جي ڌماڪيدار مواد جو استعمال ڪيو ويو هو. پوليس موجب آپگهاتي بمبار ڪارنر گڏجاڻي ۾ اڳ  ئي موجود هو ۽ هن ڌماڪو ان وقت ڪيو جڏهن هارون بلور جي آمد تي آتشبازي ڪئي پئي وئي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان ذوالفقار علي بابا خيل ٻڌايو آهي ته هارون بلور جو پٽ دانيال بلور محفوظ آهي. ياد رهي ته هارون بلور جي والد بشير بلور  کي پڻ 22 ڊسمبر 2012 تي هڪ آپگهاتي حملي دوران شهيد ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان طرفان 48 ڪلاڪن ۾ نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 48 ڪلاڪن دوران نئين مڪاني نظام کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے