20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪرسٽيانو رونالڊو ريال ميڊرڊ ڪلب ڇڏي ڏنو، يوونٽس سان معاهدو

ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) اسپينش ڪلب ريال ميڊرڊ جي جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو اطالوي ڪلب يوونٽس ۾ منتقلي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان گڏوگڏ پرتگالي اسٽار جو ريال ميڊرڊ سان 9 ورهين جو سفر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي. رونالڊو 2009ع ۾ انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ ڇڏي ريال ميڊرڊ جو حصو بڻيو هو. سندس موجودگيءَ ۾ ريال ميڊرڊ 15 ٽرافيون کٽيون، جنهن ۾ 4 ڀيرا چيمپيئنز ليگ کٽڻ به شامل آهي. رپورٽن موجب رونالڊو جو يوونٽس سان چئن سال لاءِ معاهدو 100 پائونڊن ملين ۾ ٿيو آهي ۽ امڪاني طور هو پنهنجي ڪيريئر جو خاتمو به ان ئي ڪلب ۾ رهي ڪندو. ريال ميڊرڊ ڪرسٽيانو رونالڊو کي شاندار لفظن ۾ خراج پيش ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن ڪرسٽيانو رونالڊو پڻ ريال ميڊرڊ جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته منهنجا 9 سال شاندار گذريا پر هاڻ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري مان ڪلب کي درخواست ڪئي ته منهنجي منتقلي قبول ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے