23 آچر , سيپٽمبر 2018

پ پ جو رنڊڪن باوجود چونڊ سرگرميون جاري رکڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورين رنڊڪن باوجود چونڊ سرگرميون ڀرپور نموني جاري رکيون وينديون. لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيئر بخاري، خورشيد شاهه ۽ اعتزاز احسن سميت ٻين سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ سرگرمين ۾ انتظامي رنڊڪن جي مذمت ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ويو ته انتظاميا طرفان روڪٿام جو نوٽيس ورتو وڃي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ملتان ۾ پارٽي چيئرمين جي چونڊ مهم ۾ رنڊڪون مذمت جوڳو عمل آهي ۽ پشاور جلسي لاءِ اجازت ڏئي واپس وٺڻ به جمهوري حق جي ابتڙ آهي. پ پ جي اعليٰ قيادت فيصلو ڪيو ته ڪراچي کان شروع ٿيندڙ سفر رنڊڪن باوجود خيبر تائين جاري رهندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان کي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي …