21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو ايف آءِ اي اڳيان پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سامهون پيش نه ٿيندا. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ کي طلب ڪيو آهي. لاهور ۾ ٿيل پ پ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪئي، جڏهن ته ان ۾ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين نيئر بخاري، سيد خورشيد شاهه، شيري رحمان، سيد قائم علي شاهه، سيد نويد قمر، رحمان ملڪ، بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ فرحت الله بابر سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته پارٽي قيادت ايف آءِ اي اڳيان پيش نه ٿيندي. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اعتزاز احسن، رحمان ملڪ ۽ خورشيد شاهه ان ڏس ۾ وڌيڪ صلاح مشورو ڪندا. فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ اعتزاز احسن اجلاس ۾ آصف زرداري کي ڪيس بابت بريفنگ ڏني. سينيئر وڪيلن تجويز ڏني ته ايف آءِ اي ۾ آصف زرداري جي قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن تي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ڪوڙن اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي صدر جو ويجهو دوست انور مجيد ۽ سندس پٽ به ڪيس ۾ نامزد آهن، جن تي به بدعنواني جا الزام آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے