20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ فيس بڪ جا اهم بندوبست

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ پاڪستان ۾ چونڊن کي شفاف بڻائڻ ۽ ڪوڙين خبرن کي روڪڻ جي لاءِ اهم بندوبستن جي دعويٰ ڪئي آهي. فيس جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چونڊن جي معتبر ساک کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ  پرعزم ۽ ان سلسلي ۾ چونڊن  ۾ فيس بڪ جو غلط استعمال روڪڻ جي لاءِ  مختلف قدم کنيا آهن. فيس بڪ جي پاڪستان جي لاءِ  پبلڪ پاليسي هيڊ صارم برني موجب فيس بڪ چونڊن جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا آهن انهن ۾ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي پيجن کي تحفظ جي فراهمي، اشتهاري پاليسين ۽ وسيع اشتهارن ۽ پيج جي شفافيت ۾ بهتري، ڪوڙن اڪائونٽن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشين لرننگ جو استعمال بهتر بڻائڻ جي لاءِ ۽ ڪوڙين خبرن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جهڙا ڪم شامل آهن.   صارم برني جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا حڪومتي ايوانن ۾ ماڻهن جو آواز پهچائڻ ۾ آساني پيدا ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے