18 اربع , جولاءِ 2018

هوائي گدلاڻ به ذيابطيس (شگر) جو سبب بڻجي سگهي ٿي: جاچ

ميسوري/آمريڪا(ويب ڊيسڪ) بظاهر هوائي گدلاڻ ۽ ذيابيطس جي مرض جي وچ ۾ پري پري تائين ڪو به تعلق نظر نٿو اچي پر هاڻ هڪ جاچ مان خبر پئي آهي ته گدلاڻ به ذيابيطس جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان کان اڳ صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) واضح طور تي اعلان ڪيو هو ته هوائي گدلاڻ سان هر سال ساهه، ڦڦڙن جي ڪينسر، دل جي مرضن ۽ ٻين بيمارين سبب لاتعداد فوتگيون ٿي رهيون آهن پر هاڻ ان جو ذيابيطس سان به تعلق معلوم ٿيو آهي. سينٽ لوئي ۾ موجود واشنگٽن يونيورسٽي آف ميڊيسن ٻين ادارن سان گڏجي هوائي گدلاڻ ۽ ذيابيطس جي وچ ۾ تعلق جو انڪشاف ڪيو آهي. اها جاچ لينسٽ پلانيٽري هيلٿ نالي جرنل ۾  شايع ٿي آهي. ان ۾ آمريڪي فوجين جو ساڍن اٺن سالن تائين مطالعو ڪيو ويو آهي جيڪو ذيابيطس جا شڪار نه هئا. ان مطالعي ۾ ڪيترن ئي ماڊلن تي جاچ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هوا ۾ سوڊيم جي موجودگي ۽ هيٺين عضون ۾ فريڪچر کي به نوٽ ڪيو ويو آهي. ان تحت ماهرن چيو ته هوائي گدلاڻ سان هر سال 32 لک ماڻهو ذيابيطس ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. جاچ جي سينيئر محقق زائد ال علي چيو اسان جي جاچ ٻڌائي ي ته سڄي دنيا ۾ هوائي گدلاڻ ۽ ذيابيطس جي وچ ۾ گهرو تعلق آهي. ايستائين جو ڊبليو ايڇ او ۽ آمريڪي ماحوليات واري کاتي جي ڏٺل گدلاڻ جي گهٽ معيار تي به ذيابيطس ٿي سگهي ٿي. هن وقت تائين ذيابيطس ۽ گدلاڻ جي وچ ۾ تعلق کي سمجهي ناهن سگهيا پر گدلاڻ جي ڪري ذرا ساهه جي ذريعي جسم جي عضون ۽ ٽشوز تائين ۾ جذب ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح جسم ۾ انسولين جي حساسيت متاثر ٿيندي آهي جنهن مان ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته غريب ملڪن ۾ گهڻا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن جنهن ۾ ڀارت ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ شامل آهن جڏهن ته ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جهڙن ملڪن ۾ اها شرح گهڻي گهٽ آهي ڇو ته اتي هوائي گدلاڻ گهٽ آهي. ٻئي پاسي گدلاڻ جي گهٽ ترين ظرح به انسانن ۾ ذيابيطس پيدا ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Eating a orange daily and eye-eyeed 'eye disease' of the eye is safe

روزانو  هڪ نارنگي کائو ۽ اکين جي ”ميڪيولر ڊي جنريشن“ بيماري کان محفوظ  رهو

سڊني(ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ موجب باقائدگي سان نارنگي واپرائيندڙ ماڻهو اڳتي هلي اکين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے