22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

زمين تي هلندڙ ۽ پاڻي ۾ ترندڙ روبوٽ تيار

هارورڊ(ويب ڊيسڪ) حشرات ۽ ڪيڙن کان متاثر ٿي هارورڊ يونيورسٽي جي ماهرن هڪ اهڙو روبوٽ بڻايو آهي جيڪو زمين تي هلندو آهي ۽ پاڻي ۾ ترندو آهي. ان کان سواءِ اهو سمنڊ جي فرش تي به هلي سگهندو آهي. ان کي هارورڊ امبيوليٽري مائيڪرو بوٽ يا ايڇ اي ايم چيو ويندو آهي. اهو روبوٽ هلڪو ڦلڪو وزن به کڻي سگهي ٿو. ان روبوٽ جو وزن ڪاغذن جوڙڻ واري ڪلپ جي برابر آهي جيڪو پاڻي ۾ تري به سگهي ٿو ۽ پاڻي جي فرش تي به هلي سگهي ٿو. ان کي هارورڊ يونيورسٽي ۾ جان اي پالسن اسڪول آف انجنيئرنگ جي ماهرن تيار ڪيو آهي. هلڪو هئڻ کان سواءِ هي پاڻي جي سطح تي دٻاءَ (سرفيس ٽينشن) توڙي پاڻي جي اندر هليو ويندو آهي ۽ ٻڏي ويندو آهي جڏهن ته تهه ۾ ويڍي کان پوءِ اُتي آساني سان هلي سگهندو آهي. هي هڪ ننڍڙو مائيڪروبوٽ جنهن جو وزن رڳو 1.65 گرام آهي جڏهن هي 1.44 گرام سامان کڻي سگهي ٿو. مائيڪروبوٽ خشڪي ۽ پاڻي ٻنهي ۾ آساني سان هلي سگهي ٿو. ايڇ اي ايم آر خطرناڪ ماحول ۾ به وڃي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ ماڻهن کي ڳولهڻ ۽ سر بچائڻ جو مشن به انجام ڏئي سگهي ٿو جنهن جي تفصيل سائنسي رسالي نيچر ۾ شايع ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے