18 اربع , جولاءِ 2018

سنڌ ۾ اسڪولن جون موڪلون 31 جولاءِ تائين وڌايون ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي گرمين جي موڪلن جو مدو وڌائيندي اسڪول پهرين آگسٽ تي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان سمري منظور ڪري ورتي آهي. سمري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عام چونڊن ۾ استادن جي مصروفيت سبب موڪلون وڌايون ويون آهن. نوٽيفڪيشن موجب گرمين جي موڪلن جو دورانيو هاڻ اڍائي مهينا ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سخت گرمي سبب صوبائي حڪومت 14 مئي کان 16 جولاءِ تائين موڪلن جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ موڪلن ۾ 31 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول پهرين آگسٽ کان کلندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے