23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير هلندڙ سال شروع ڪئي ويندي: واپڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپڊا جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اهم ضرورت ڊيمن جي تعمير هلندڙ مالي سال ۾ شروع ٿي ويندي، ڀاشا ديامير ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي تعمير سان پاڻي ۽ بجلي جا مسئلا حل ٿيندا. واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي موجب ٻنهي ڊيمن جي تعمير هلندڙ سال شروع ٿي ويندي، ڀاشا ڊيم ۾ 81 لک ايڪڙ فٽ ۽ مهمند ڊيم ۾ 12 لک ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو. ٻنهي ڊيمن سان مجموعي طور 5700 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت ٻنهي ڊيمن جي تعمير لاءِ 65 ارب رپيا رکيا آهن، جيڪا گذريل مالي سال ۾ 37 ارب رپيا هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان کي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے