18 اربع , جولاءِ 2018

ن ليگ وارا ائين تياري ڪري رهيا آهن جيئن پيءُ ۽ ڌيءَ عالمي ڪپ کٽي اچي رهيا آهن:عمران

The NCPs are preparing for such as the father and the daughter are coming globally: Imranبشام(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ن ليگ وارا نواز شريف ۽ مريم نواز جي استقبال جي تياري ائين ڪري رهيا آهن جيئن پيءُ ۽ ڌيءُ عالمي ڪپ کٽي اچي رهيا هجن. بشام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٻڌو آهي ته نواز ۽ شريف ۽ سندس نياڻي ڌام ڌوم سان جمعي ڏينهن واپس اچي رهيا آهن، ن ليگ وارا استقبال جي تياري ائين ڪري رهيا آهن جيئن پيءُ ۽ ڌيءُ عالمي ڪپ کٽي اچي رهيا هجن. پيءُ ۽ ڌيءَ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سندن رستي ۾ بينداسين، قوم جا 300ارب رپيا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا آهن. نواز شريف ڪهڙي منهن سان لاهور اچي رهيو آهي. هن چيو ته جيلن ۾ وڃڻ بجائي ڌاڙيل اسمبلين ۾ وڃي رهيا آهن، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ سري عام گهمي رهيا آهن ۽ ننڍن چورن کي جيلن ۾ ڇو رکيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چورن جا گاڊ فادر نواز شريف ۽ آصف زرداري پاڻ ۾ مليل آهن، اهي مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن، نواز شريف ڌانڌلي ۾ ڦاٿو ته زرداري سندس مدد ڪئي. عمران خان چيو ته زرداري ته به هاڻ وڏو مني لانڊرنگ جو ڪيس کليو آهي، مان ته ڪافي وقت کان انتظار ڪري رهيو هئس ته هڪ ئي بال سان زرداري ۽ نواز شريف جو وڪيٽون وٺان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے