24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: سرڪاري اسپتال سهولتون نه هجڻ سبب عوام لاءِ بي لاڀ

Dehraki: Disorder for public not being a public hospitality* ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب چائلڊ ڪيئر سينٽر عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي.

اسپتال ۾ ڪيترائي ماڻهو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل ڪرائن ٿا، جتي  آڪسيجن گيس جي سهولت نه هجڻ سبب معصوم ٻارڙن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن.

ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڏينهن اڳ اسپتال جي ٻارڙن واري سينٽر ۾ وقت تي آڪسيجن نه ملڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو.

هوڏانهن اسپتال ۾ داخل معصوم ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته آڪسيجن گيس سهولتن لاءِ کانئن في ڪلاڪ هڪ هزار رپيا اوڳاڙايا پيا وڃن.

هنن چيو ته هو هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ آهن، علاج جا وڏا خرچ هو برداشت نٿا ڪري سگهن.

ٻي پاسي ڊاڪٽر ايسوسيئشن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسپتال جو چائلڊ ڪيئر سينٽر مناسب ناهي، هڪ مڪمل چائلڊ ڪيئر سينٽر جو هجڻ لازمي آهي، نه ته اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Bilawal bhutto Zardari celebrating his 30th Birthday, 30 pound cake

نيوز: ڏھرڪي : بلاول ڀٽو جي 30 ھين سالگره تقريب ، ٽيھن پائونڊن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

*ڏھرڪي ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي 30 ھين سالگرهه جي موقعي تي ھڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے