19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺڪراٺو: معذور نينگري عذاب ڀوڳڻ تي مجبور، علاج ڪرائڻ جي اپيل

Thikratho: Appealing for the disabled child, forced treatment* ٺڪراٺي ويجهو معذور نينگري ڄنگهه ڀڳل هجڻ سبب عذاب ڀوڳي رهي آهي، سندس وارثن وس وارن کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ٺڪراٺي جي مھتم پاڙي جي رھواسي غريب پورھيت گل ضمير مھتم جي معصوم نياڻي حاجاڻي ڄنگھھ ڀڳل هجڻ ڪري عذاب واري زندگي گذاري رهي آهي.

نينگري جي علاج لاءِ سندس والد پنھنجي گھر جو سمورو الھھ تلھھ خرچ ڪري ڇڏيو آھي پر نياڻي جي طبعيت ناھي سڌري سگھي ۽ نينگري سمورو ڏينھن کٽ تي بي يارومددگار پيل آھي.

پورھيت گل ضمير ۽ سندس گھرواري صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته نياڻي جي ڄنگھھ ڀڄي پئي آھي، جنھن جو علاج وس آھر ڪرايو آھي پر پوءِ به سندس طبعيت ناھي سڌري سگھي.

هنن چيو ته کين خوف آهي ته سندن نياڻي سڄي زندگي لاءِ معذور نه بڻجي وڃي، کين نينگري جو وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي وصيعت ناھي.

ھنن سنڌ جي نگران وڏي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سندن نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي کيس معذوري کان بچايو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے