18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: ٺٽو: مڪلي قبرستان جي زمين ڄاڻائي ٽن ڳوٺن کي امڪاني طور ڊاهڻ خلاف احتجاج

Thatta: Protest against removing three small villages under makli graveyard*ٺٽي ۾  مڪلي قبرستان جي زمين ڄاڻائي ڳوٺ شاهه محمد مگسي ، ڪارو شيدي ڳوٺ ۽ محمد خاصخيلي کي امڪاني طور ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

امڪاني طور متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي سوين عورتن، ٻارن، مردن  ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ڳوٺن کي ڊاھڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ ۽ انصاف ڏيارڻ جو مطالبو  ڪيو .

ڌرڻي کي خطاب ڪندي سرور پليجو، تنزيلا خاصخيلي،  ناٿو خان بروھي ۽ ٻين چيو ته  مڪلي جي ٽن قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو

 هنن چيو ته ڳوٺ شاھو خان مگسي، ڪارو شيدي ۽ محمد خاصخيلي جي رهواسين کي امڪاني طور  بي دخل ڪري ڳوٺ ڊاھڻ واري سياحت ۽ ثقافت کاتي جو فيصلو عوام دشمن آھي.

 هنن چيو ته ڳوٺ ڊاهڻ سان سوين ڪٽنب متاثر ٿيندا هو ڪيترن ئي ورهين کان ڳوٺن ۾ آباد آهن پر ثقافت ۽ سياحت کاتو کين بنا ڪنهن سبب جي گهرن کان بي دخل ڪري رهيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chuhar Jamali: The situation in Sindh is deteriorating: Aisha Gulalie

نيوز: چوهڙ جمالي: سنڌ جي ماڻهن کي حالت ڏسي کيس روئڻ اچي ٿو: عائشه گلالئي

* پي ٽي آءِ گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي چونڊ مهم جي سلسلي ۾چوهڙ جمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے