18 اربع , جولاءِ 2018

ڪينيڊا ۾ اردو ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ” سپر اردو موم“

"Super Urdu moom" working in Urdu for Urdu languageاوٽاوا(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڄائي ڪيندين عورت تمانيه جعفري، ڪينيڊا ۾ اردو ٻولي کي هٿي ڏيڻ لاءِ  ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجي بلاگ ”سپر اردو موم“ کي بهترين انداز ۾ ڪم آڻي رهي آهي.تمانيه جعفري بلاگ” اردو موم“ جي شروعات ٽه سال اڳ ڪئي هئي ، جنهن اهم مقصد ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻارن کي اردو ٻولي کان واقف ڪرائڻ ۽ کين ملڪي ثقافت کان روشناس ڪرائڻ آهي. تمانيه اهو بلاگ خاص طور والدين جي مشڪلاتون حل ڪندي انهن ننڍن ٻارن لاءِ ٺاهيو آهي جيڪي زبان سکڻ واري مرحلي ۾ هوندا آهن. ان حوالي سان هن جو چوڻ آهي ته اهي ٻار جيڪي ٻالڪپڻ ۾ ٻن زبانن جي وچ ۾ پروش حاصل ڪندا آهن، اهي انهن ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهين هوندا آهن جن هڪ زبان ڳالهائيندڙ ماحول ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي. سندس موجب ٻه زبانون ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارن ٻارن ۾ تخليقي صلاحيتون به وڌيڪ هونديون آهن. تمانيه فيسبڪ، بلاگ ۽ يوٽيوب ويڊيوز جي ذريعي والدين کي ٻڌائيندي آهي ته هو ٻارن کي اردو ڪيئن سيکارين ۽ ٻار پاڻ ڪيئن اها زبان سکي سگهن ٿا. هو چوي ٿي ته ڪينيڊا جي اسڪولن ۾ اردو ٻولي ناهي پڙهائي ويندي، پر گهر وارن کي گهرجي ته هو اردو ۾ ڳالهائن، ٻارن کي اهڙين سرگرمين ۾ مصروف رکن جنهن سان هو اردو زبان سکي سگهن. هن جو چوڻ هو ته والدين گهر ۾ ٻارن کي اردو نظم ٻڌائين، جتي انهن جا نالا لکيل هجن، اتي ئي ان جو اردو ترجمو پڻ لکن ته جيئن ٻار پنهنجو نالو اردو ۾ لکڻ پڙهڻ ڄاڻي سگهن. ان کانسواءِ ڪنهن تقريب وغيره ٿيڻ وقت به ڀتن ۽ بيڪ ڊراپ وغيره تي اردو جملا ۽ لفظ لکو، جيئن سالگرهه مبارڪ، ۽ تمام گهڻا ٿورا وغيرا اردو ۾ لکو. تمانيه پنهنجي بلاگ ۾ پرڏيهي کاڌن جي ترڪيبون پڻ پوسٽ ڪندي آهي. هن جو چوڻ آهي ته پنهنجي ملڪ کان پري رهڻ باوجود به ٻارن کي اردو ٻولي سيکارڻ چاهي ٿي ۽ کين ٻولي ۽ ثقافت جي اهيمت جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ چاهي ٿي ته جيئن هو اردو ٻولي نه اچڻ ته فخر نه ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے