18 اربع , جولاءِ 2018

ڀارتي ڳائڻي نيها ڪڪڙ به سجاد علي جي مداح نڪتي

The Indian singer's neha kakkar's superstition of Sajjad Aliٽيڪساس(شوبز نيوز)  ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان راڳين کي عالمي سطح تي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جا چاهيندڙ سرحد پار پڻ موجود آهن. ان حوالي سان ”ملي هو تم هم ڪو“ گيت سان شهرت جي بلندين تي پهچندڙ ڀارتي ڳائڻي نيها ڪڪڙ پڻ پاڪستان راڳي سجاد علي جي وڏي مداح نڪتي. آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ منعقد ٿيندڙ اي پي پي اين اي ڪنونشن(APPNA Convention)  ۾ ميوزيڪل لائيو ڪنسرٽ دوران نيها ڪڪڙ سجاد علي جو مشهور گيت” هر ظلم تيرا ياد هي“  ڳايو ۽ ان تي کيس تمام گهڻو داد ڏنو ويو. ڀارتي ڳائڻي جو پرفارمنس دوران چوڻ هو ته سجاد علي زبردست  ڳائيندو آهي ۽ هو تمام گهڻو بهترين آهي. ياد رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارتي فنڪارن طرفان سجاد علي جي آواز جي تعريف ڪئي وئي هجي، ان کان اڳ ڀارتي ليجنڊري اداڪارا شبانا اعظميٰ پڻ ”روني نا ديا“ گيت ري ٽوئيٽ ڪري چڪي آهي.جڏهن ته يو يو هني سنگهه پڻ سجاد علي جي گيت”لگا ديا دل“ کي بهترين قرار ڏئي چڪو آهي. ڪنونشن ۾ باليووڊ سميت پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ستارن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ ريما ۽ صدا نگار ضياءَ معين الدين پڻ شامل آهن.ان کانسواءِ پاڪستان راڳي نبيل شوڪت پڻ ان موقعي تي پرفارم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian actor, rita bhaduri was insulted

ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري ديهانت ڪري وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري 62 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي جي مقامي اسپتال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے