17 اڱارو , جولاءِ 2018

جسٽن بيبر اداڪارا هيلي بالڊوين سان مڱڻي جي تصديق ڪري ڇڏي

Justin Bieber Makes His Engagementاوٽاوا(شوبز نيوز) مشهور ڪينڊين پاپ اسٽار جسٽن بيبر آمريڪي ماڊل ۽ اداڪارا بالڊوين سان منڱڻي جي تصديق ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته هيلي سان گڏ سندس شادي ڪامياب رهندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جسٽن بيبر ۽ هيلي بالڊوين جي منڱڻي جون خبرون سامهون آيون هيون جڏهن ٻنهي جي طرفان ان جي تصديق نه ڪئي وئي هئي. بعد ۾ ڪينڊين راڳي انسٽاگرام تي هيلي بالڊوين سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي مڱڻي جي تصديق ڪئي. جسٽن بيبر پنهنجي مڱيندي سان محبت جو اظهار ڪندي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. راڳي هيلي بالڊوين کي مخاطب ڪندي لکيو ته هو ساڻس واعدو ڪري ٿي ته هو سدائين سندس خيال رکندي، سندس گهروارن ۽ انهن جي عزت ڪندي سندس گهر ۾ عزت ۽ شان سان رهندي. جسٽن بيبر پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻ هيلي بالڊوين سندس لاءِ سڀ کان اڳ ۾ رهندي هو سندس زندگي آهي ۽ هاڻ هو ڪنهن ٻئي سان زندگي گذارڻ جو خواهشمند ناهي. هن ٻڌايو ته  هن کي هيلي بالڊوين بهتر بڻائي ڇڏيو آهي، اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ساراهه ڪندا آهيون،  هيلي سان گڏ هر شيءَ سٺي لڳندي آهي ۽ هاڻ مان زندگي ۾ خوشگوار حصي جو انتظار نٿو ڪري سگهان.  مڱڻي جي تاريخ جي حوالي سان هن لکيو ته خدا جو وقت واقعي سڀ کان بهترين هوندو آهي، اسان ستين مهيني جي 7 تاريخ مڱڻي ڪئي جيڪا روحاني طور تي بهترين آهي. جسٽن بيبر  وڌيڪ لکيو ته هو انڪري به خوش آهي جو پاڻ کان ننڍن ڀيڻ ڀائرن کي هڪ ڪامياب شادي ڏسڻ لاءِ ملندي. هوڏانهن هيلي بالڊوين پڻ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ جذبن جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته کائنس ناهي خبر ته هن پنهنجي حياتي ۾ ڇا ڪيو هو جو ايتريون خوشيون مليون آهن پر هو خدا جو شڪر ادا ڪري ٿي جو ان ايترو بهترين جيون ساٿي ڏنو آهي، مان لفظن ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار نٿي ڪري سگهان.راڳي جسٽن بيبر ڪينيڊا سميت سڄي دنيا ۾تمام گهڻو مشهور آهي. سندس سپر هٽ گيتن ۾ سوري، ايز لانگ ايز يولومي، ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي پاڪستان ۾ پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيا. ياد رهي ته جسٽن بيبر جا هيلي بالڊوين کان اڳ سيلينا گومز سان ويجها لاڳاپا رهيا هئا ۽ ٻنهي جي شاديءَ جون خبرون پڻ سرگرم هيون پر ذاتي نظرين سبب ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranbir's movie "Sanju" included in the 300-crore movie

رنبير جي فلم” سنجو“ 300 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنبير ڪپور جي فلم” سنجو“  باڪس آفيس تي ڪمائي جو نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے