20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڳنڀير زخمن کي ختم ڪرڻ واري ”سمارٽ بينڊيج“ تيار

ميڊفورڊ(ويب ڊيسڪ)سائنسدانن ڳنڀير زخمن تي نظر رکڻ ۽ انهن جي علاج لاءِ سمارٽ بينڊيج(ذهين پٽي) ايجاد ڪري ورتي جيڪا نه رڳو زخم ڀرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر زخم تائين دوا جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻائيندي. سائنس ميگزين اسمال ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب سمارٽ بينڊيج زخم کي ڀرڻ ۾ نهايت لاڀيتو آهي جيڪو زخم ڀرڻ جي روايتي طريقن کي مات ڏئي ڇڏيندو. زخمن جي علاج لاءِ ٽينڪالوجي جي استعمال سان مريضن کي تُرت فائدو پهچندو خاص طور سڙيل حصن، حادثاتي، شگر سبب ٿيندڙ زخمن جي علاج ۾ ان ٽيڪنالوجي سان خاص مدد حاصل ٿيندي.

”ٽفٽ يونيورسٽي“ جي سائنسدانن جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ تحقيقدانن جي ٽيم سمارٽ بينڊيج تيار ڪري ورتي آهي جيڪا زخم ڀرڻ واري عمل جي انڊيڪيٽرز جهڙي پي ايڇ، آڪيسجن ۽ درجه حرارت تي نظر رکڻ جي اهليت رکندي آهي جڏهن ته ان بينڊيج جي سڀ کان خاص ڳالهه برقي توانائي جو استعمال ڪري زخمن کي دوا فراهم ڪرڻ  آهي جنهن سان ڳنڀير زخم پڻ ٺيڪ ٿي ويندا آهن.

سمارٽ بينڊيج

سمارٽ بينڊيج ٻن حصن تي ٻڌل آهي: پهريون حصو زخم کي ڍڪڻ وارو آهي جنهن ۾ سينسر ۽ ”ڊرگ ڪيرئيرز“ موجود هوندا آهن جيڪي دوا کي زخم تائين پهچائيندا آهن، ٻئي حصي ۾ مائيڪرو پورسيسر هوندو آهي جيڪو زخم جي نوعيت، درجه حررات ۽ پي ايڇ کي ڏسندي سينسر کي ان مقرر حد ۾ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڏيندو آهي.

سمارٽ بينڊيج زخم ڀرڻ ۾ ڪيئن مددگار ثابت ٿيندو؟

پي ايڇ اسڪيل ڳنڀير زخمن کي ڀرڻ جي نگراني جو بهترين ذريعو آهي. نارمل زخم جي پي ايڇ ويليو 5.5 کان 6.5 تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڳنڀير  ۽ نه ڀرجندڙ زخم جي پي ايڇ 6.5 کان وڌيڪ هوندي آهي.سمارٽ بينڊيج زخم جي پي ايڇ تي نظر رکندي آهي ۽ ان سان مائيڪرو پروسيسر ان مناسبت سان دوا کي خارج ڪندو ڪرائندو آهي،  اسان بينڊيج جي روايتي ۽ پراڻي طريقن سان زخم پي ايڇ(يعني تيزابيت/اساسيت) تي نظر نٿا رکي سگهون. اهڙي طرح درجه حرارت پڻ زخم جي ڀرڻ واري عمل جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪندو آهي جنهن سان زخم ۾ سوڄ جي نوعيت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. سمارٽ بينڊيج ۾ لڳل سينسر زخم جي درجه حرارت جي نگراني ڪندو آهي. اهو ئي نه پر اهو سمارٽ بينڊيج آڪسيجن جي مقدار پڻ ماپي سگهي ٿو جيڪا زخم ڀرڻ واري عمل جو مطالعو ڪرڻ ۾ هڪ اهم ۽ اظهار بي آهي. سمارٽ بينڊيج جي سينسر پي ايڇ، درجه حرارت ۽ آڪسيجن جي مقدار ۾ اضافو يا گهٽتائي تي اهڙي مناسبت سان دوا جي خارج کي يقيني بڻائيندو آهي. اهڙي طرح زخم ڀرڻ لاءِ جيتري دوا گهربل هوندي آهي، ايتري ئي مقدار ۾ دوا استعمال ڪئي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے