17 اڱارو , جولاءِ 2018

باغي ٿري: ٽائيگر شروف پاران  فوجي ٽريننگ حاصل ڪرڻ  لاءِ شام وڃڻ جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي نوجوان ايڪشن هيرو ٽائيگر شروف فلم” باغي“ جي ٻئي سيڪوئل لاءِ شام ۾ فوجي ٽريننگ حاصل ڪندو. باليووڊ ايڪشن هيرو ٽائيگر شروف باليووڊ انڊسٽري جو اهو اداڪار آهي جنهن مارشل آرٽ جي فن ۽ فلم”باغي“ ۾ ڌماڪيدار ايڪشن سان مداحن کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي، فلم باغي جي مقبوليت بعد فلم جي پهرين سيڪوئل ٽائيگر کي بلندين تي پهچائي ڇڏيو  ۽ هاڻ اها ئي فلم سندس اصل سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، مداحن جي خواهش نظر ۾ رکندي فلم جي ٻئي سيڪوئل جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته فلم کي پهريان کي وڌيڪ منفرد بڻائڻ لاءِ ٽائيگر شام وڃي فوجي ٽريننگ حاصل ڪندو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ساجد ناڊياووالا جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم”باغي ٿري“ کي ايڪشن سان ڀرپور بڻائڻ لاءِ فلم جي هدايتڪار احمد خان ٽائيگر شروف کي هيوي مشين گن، ايم 16 ۽ راڪٽ لانچر هلائڻ جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ شام  ۾ فوجي ڪيمپ ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن فلم شام سميت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ فلمائي ويندي.  ياد رهي ته ٽائيگر جي پهرين فلم ۾ باغي 2016 ريليز ڪئي وئي هئي جڏهن فلم جو پهريون سيڪوئل هلندڙ سال 23 مارچ تي ريليز ٿيو، جنهن سڄي دنيا ۾ 250 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranbir's movie "Sanju" included in the 300-crore movie

رنبير جي فلم” سنجو“ 300 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنبير ڪپور جي فلم” سنجو“  باڪس آفيس تي ڪمائي جو نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے