17 اڱارو , جولاءِ 2018

محمد ڪيف کي پاڪستاني ٽيم ۽ فخر زمان جي تعريف ڪرڻ ڳئجي ۾ پئجي وئي

ممبئي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد ڪيف کي پاڪستان ٽيم ۽ فخر زمان جي تعريف ڪرڻ ڳئچي ۾ پئجي وئي. زمبابوي ۾ کيڏي ويندڙ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز جي فائنل ۾ آسٽريليا خلاف ڪاميابي بعد ڪيف ٽوئيٽر تي تبصرو ڪندي آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سريز جي فائنل ۾ ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ لکيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تمام بهترين راند جو مظاهرو ڪيو، خاص طور فخر زمان بهترين اننگز کيڏي، هو وڏين ميچن پليئر لڳي رهيو آهي. محمد ڪيف جي ان ٽوئيٽ تي تعصباڻو رويو رکندڙ ڀارتين محمد ڪيف خلاف ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. هڪ لکيو ته ”تون مان اميد نه هئي، تنهنجو پاڪستاني عشق جاڳي پيو آهي“.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Zimbabwe's decision to bat first against Zimbabwe's Green Shirts in One-Day match

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي ٻئين مئچ اڄ بلاوايو ۾ کيڏي پئي وڃي

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ اڄ پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے