18 اربع , جولاءِ 2018

اين آءِ سي وي ڊي جو ڪارنامو، پاڪستان ۾ هٿرادو دل لڳائڻ جو پهريون ڪامياب تجربو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي دل لڳائڻ جو تجربو ڪامياب ٿي ويو، اين آءِ سي وي ڊي ۾ 62 سالن جي نفيسا ميمڻ اها پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي هٿرادو دل لڳائي وئي آهي، دل جي ٽرانسپلانٽيشن جي ماهر ڊاڪٽر پرويز چوڌري جي سربراهي ۾ آمريڪي ۽ٻين ڊاڪٽرن تي ٻڌل ٽيم 5 ڪلاڪن تي ٻڌل آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو، جنهن بابت اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه ڊاڪٽر نديم قمر ڪاميابي جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ناليواري سرجن ڊآڪٽر پرويز چوڌري چيو ته مصنوعي دل لڳائڻ تي هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا خرچا ايندو آهي، هن چيو ته آپريشن ڪامياب ٿيو آهي، مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ٻئي طرف صحت کاتي جي نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعديه ورڪ   رضوي ڪالهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ورسڪيولر اينڊ ڊزيز اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ مهيا ٿيندڙ سهولتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر نديم قمر نگران صوبائي وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير اسپتال جي ڪارڪردگي ۽ اُپائن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر سعديه ورڪ رضوي اسپتال جي صفائي سٿرائي ۽ مريضن جي بهترين سنڀال جي انتظامن تي اسپتال انتظاميا تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪيٿ ليب اينڊ ري هيبليٽيشن ڊاڪٽر نديم رضوي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان جي ايمرجنسي سيڪشن ۾ ڪل 64 بسترن جي گنجائش آهي پر اسان وٽ هر وقت 160 مريض موجود هوندا آهن جنهن ڪري ڊاڪٽرن ۽ باقي عملي تي هر وقت دٻاءُ رهندو آهي.30

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے