22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڊيمن بابت حڪومتي اڪائونٽ جو تاثر، عوام رپيو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت طرفان ڊيم جي اڏاوت لاءِ اڪائونٽ کولڻ جو نوٽيس ورتو آهي، عدالت اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي، اطلاعات واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين سميت لاڳاپيل اختيارينکي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وزارت جي ڊيم جي اڏاوت لاءِ اڪائونٽ کولڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اخبارن ۾ خبرون ۽ اشتهار ڏسي وٺو تاثر ڏنو پيو وڃي ته فنڊ حڪومت ٺاهيو آهي،ناڻي واري وزارت چوي ٿي ته اڪائونٽ هنن کوليو آهي،  ناڻي واري وزير چوي ٿي ته اڪائونٽ اسان کوليو آهي، عورت هئڻ ناتي احترام سبب کيس نه گهرائي رهيا آهيون، اسٽيٽ بئنڪ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏني آهي،هڪ ڪلاڪ اندر کلندڙ اڪائونٽ ٽن ڏينهن ۾ کوليو ويو، پئسا ڏيندڙ ماڻهن کي هيڏانهن هوڏانهن گهمايو پيو وڃي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے