18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آصف زرداري ۽ فريال جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آصف ۽ فريال جي پرڏيهه وڃڻ تي بندش هڻڻ جو لکت ۾ حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو ايف آءِ اي سندن نالا اسٽاپ لسٽ بعد اي سي ايل  ۾  شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ قدم کڻندي پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت هاڻي ٻئي پرڏيهه نه ٿا وڃي سگهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته طحا رضا، اسلم رضا ۽ عديل شاهه راشدي به پرڏيهه نه ٿا وڃي سگهن خانگي بئنڪ جي سربراهه نصير عبدالله ۽ انور مجيد جو نالو به اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ  طرفان نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي حڪم تي عارضي طور اسٽاپ لسٽ ٺاهي آهي ۽ نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪميٽي جي اجلاس تائين اهي ماڻهو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل رهندا ۽ ڪميٽي جي منظوري بعد  سندن نالا ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌا ويندا. سپريم ڪورٽ جي منظوري کانپوءِ اسٽاپ لسٽ اهڙن ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي جيڪي فوري طور قانون کي گهربل هجن ۽ سندن نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لازمي هجي. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ٻين ستن ماڻهن جا نالا به اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ سمٽ بئنڪ جو چيئرمين نصير عبدالله لوٿا، اي جي مجيد ۽ انور مجيد جو نالو به شامل آهي. ٻئي طرف مني لانڊرنگ جاچ لاءِ نجف مرزا جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عثمان انور، چوڌري محمد احمد، خالد انيس، علي مردان کوسو، فيض الله ڪوريجو ۽ منير احمد شيخ شامل آهن، ڪميٽي جاچ لاءِ ڪنهن کان به مدد وٺي سگهندي.. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ماڻهو پرڏيهه نه ٿا وڃي سگهن، .0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے