22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر، خودمختيار نيب، عدالتي سڌارا: تحريڪ انصاف جو منشور

NA-53: Imran Khan completed the nomination form in the Appeal Tribunalاسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي عام چونڊن لاءِ پنهنجي پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي، ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي ترقي، پاڻي، صحت، تعليم، پرڏيهي پاليسي، دفاع، بدعنواني جي خاتمي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن سميت ٻين شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن هتي پارٽي منشور جو اعلان ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اسان نيب کي خودمختيار بڻائينداسين ۽ ڪرپشن جي سمورن ڪيسن جو پيڇو ڪنداسين. اسان عوام کي بااختيار بڻائينداسين ۽ مڪاني ادارن ذريعي اختيارن ۽ فيصلاسازي ڳوٺن جي سطح تائين منتقل ڪنداسين. هن چيو ته اسان پختونخواهه جي طرز تي غيرسياسي پوليس جو ماڊل ٻين صوبن ۾ به متعارف ڪرائينداسين. انصاف جي فراهمي لاءِ اسان عدالتي سڌارن جو ٺوس پروگرام شروع ڪنداسين. وفاق پاڪستان جي استحڪام جي حوالي سان پنهنجي منشور جا نقطا بيان ڪندي هن چيو ته انتظامي ڍانچي ۾ اهم سڌارن ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي ذريعي ڪراچي ۾ انقلابي تبديليون آڻينداسين. اسان فاٽا جي پختونخواهه ۾ انضمام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪنداسين ۽ خصوصي مالي وسيلا رکنداسين. بلوچستان ۾ مفاهمت کي فروغ ڏينداسين، ڏکڻ پنجاب صوبي جي تحريڪ اٿارينداسين ۽ گلگت بلتستان کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا. هن چيو ته پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي پٺتي پيل ضلعن مان غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي طريقيڪار اختيار ڪنداسين ۽ غربت جي خاتمي جي موجوده ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ۽ قومي معاملن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار ۾ اضافو ڪنداسين. حصيداري معاشي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان 10 ملين نوڪريون پيدا ڪنداسين، 50 لک گهر تعمير ڪنداسين، سياحت کي فروغ ڏينداسين، صنعتون جن ۾ ننڍيون ۽ وچين درجي جون صنعتون شامل آهن، انهن کي بحال ڪنداسين ۽ آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏينداسين. اسان ايف بي آر ۾ سڌارا متعارف ڪرائينداسين، ويلٿ فنڊ جي قيام ذريعي رياست جي ملڪيت هيٺ ادارن جي بحالي لاءِ قدم کڻنداسين ۽ عوام جي لاءِ سرمائي جي دستيابي کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اسان پاڪستان کي ڪاروبار دوست بڻائينداسين ۽ ٻطرفا رابطا قائم ڪري سي پيڪ کي گيم چينجر ۾ تبديل ڪنداسين. اسان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نقصانن کي گهٽ ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين. چيو ته اسان پاڻي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ڊيم تعمير ڪنداسين ۽ قومي واٽر پاليسي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين. اسان پاڻي تڪرارن جي حل لاءِ هر ممڪن فورم استعمال ڪنداسين. عمران خان چيو ته اسان زراعت کي آبادگار جي لاءِ منافعو ڏيندڙ بڻائينداسين، پيداواري لاڳت گهٽ ڪنداسين، زرعي منڊين ۾ سڌارا آڻينداسين ۽ ويليو ايڊيشن ميڪانائيزيشن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو ذمو کڻنداسين. اسان لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ نمايان بهتري آڻينداسين، پاڪستان کي کير ۽ کير مان حاصل ٿيندڙ مصنوعات ۾ پاڻڀرو بنائينداسين ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گوشت جي پيداوار وڌائينداسين. اسان ماهيگيري جي صنعت بحال ڪنداسين ۽ مڇي جي ذخيري ۾ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته اسان اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي پاليسي جي لاءِ پاليسي سازي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻينداسين. اسان پرڏيهي پاليسي گڏيل مفادن، ٻطرفي معاملن ۽ عالمي روايتن جي پاسداري جي اهم اصولن تي قائم ڪنداسين ۽ ڪشمير تڪرار جي حل تي ڪم شروع ڪنداسين. اسان رياست کي اندروني طور تي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف سطح تي دهشتگردن جي نظريي، انساني وسيلن، ماليات ۽ هٿيارن کي شڪست ڏينداسين. گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت يقيني بڻائڻ اسان جي دفاعي پاليسي جو مرڪزي اصول هوندو جڏهن ته اسان عالمي سطح تي هٿيارن تي ضابطو آڻڻ ۽ عدم پکيڙ جي قدمن جي حوالي سان برابري جي اصول جي ڏس ۾ ڀارت کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي دعوت ڏينداسين.1130

شهدادڪوٽ ( رفيق ڀٽي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آھي ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي تباهي جي ذميوار آھي، جيڪا زرداري ۽ سندس ڀيڻ ڪرپشن ڪئي آھي اها ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿي آھي، مان چئلينج ٿو ڪيان ته زرداري عوامي جلسي ۾ اچي عوام کي ٻڌائي ته مان 10 سالن ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن مون کي يقين آھي عوام زرداري جي ڪوڙ ھڻڻ تي کيس ڪنا آنا ۽ ٽماٽا هڻندو، شھدادڪوٽ جي اسٽيڊيم گرائونڊ تي پي ٽي آءِ جي اميدوار ناهيد کهاوڙ پاران ڪرايل عوامي جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻھن کي خطاب ڪندي عمران خان وڌيڪ چيو ته موئن جي دڙي کان شھدادڪوٽ تائين سفر مان اندازو ٿي ويو ته سنڌ جي ٻين  شھرن جي  به حالت به اهڙي هوندي جتي روڊ نه رستا نه وري صحت جون معياري سهولتون موجود هونديون ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ترقي جا اربين روپيا زرداري ۽ سندس ڀيڻ ھڙپ ڪيا آھن، جنهن جو ثبوت تازو 35 ارب جي مني لانڊرنگ مان ظاهر آھي جنهن کان پوءِ زرداري ۽ سندس ڀيڻ  جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آھي هاڻي هي ڀيڻ ڀاءُ ملڪ مان ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن سندن جلد نواز شريف جيان احتساب ٿيندو، عمران خان چيو آھي ته 25 جولاءِ کان پوءِ سنڌ جي ماڻھن کي سياسي ڌاڙيلن کان هميشه لاءِ نجات ڏيارينداسين، جيئن خيبرپختون خواه ۽ پنجاب مان پيپلز پارٽي جو خاتمو ٿيو ايئن سنڌ مان به هنن جو خاتمو ڪنداسين، هن چيو ته زرداري کان نه ڊڄو 25 جولاءِ تي آزادي سان ووٽ جو اظهار ڪري ظالم ڀيڻ ڀاءُ جي سياست جو هميشه لاءِ خاتمو آڻيو، ان موقعي پي ايس 14 جي پي ٽي آءِ  اميدوار ناهيد کهاوڙ عمران خان کي سونو تاج پڻ پهرايو جيڪو عمران خان شوڪت خانم اسپتال کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. عمران خان چيو ته سنڌ جو هاري پاڻي لاءِ تڙپي ٿو، نوجوان روزگار لاءِ، بيمار علاج لاءِ پر جلد سنڌ جي ماڻھن جا سور ختم ڪري انهن جي معيار زندگي ۾ بهتر ڪئي ويندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي زرداري جي ڀيڻ عوام کي ڌمڪيون ٿي ڏي ته ووٽ ڏيو نه ته اوهان جو خير نه هوندو، پر هاڻي هنن جو خير نه آھي. هن چيو ته سنڌ وارو توهان نه ڊڄو، پر توهان پئسن تي وڪامي ويندا آهيو ۽ ووٽ پئسن تي ڏيندا آهيو. هن ڀيري ائين نه ڪجو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے