18 اربع , جولاءِ 2018

پرويز مشرف، زال، پٽ، ڌيءُ ۽ ناٺي کان اثاثا ڪيس ۾ جواب طلب

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف، سندس گهرواري، صهبا، پٽ بلاول، ڌيءَ عائله ۽ ناٺي عاصم کي 11 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب بيگم صهبا مشرف کي هڪ گهر، ٽي پلاٽ ۽ 6 گاڏين جا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقيءَ جي ضامن آهي. نيب ڪرپٽ عنصرن کي سي پيڪ سميت قومي اهميت جي سمورن منصوبن ۾ بدعنوانيءَ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو، نيب چهرو نه پر ڪيس ڏسندو آهي. هن چيو ته پٽ فيڊر ڪينال ڪيس ۾ ڪرپشن ڪندڙ سمورن ذميدارن جو تعين ڪري کانئن قوم جي لُٽيل رقم ورتي ويندي. نيب جو اليڪشن سان نه پهرين ڪو تعلق هو ۽ نه ئي وري اڄ ڪو تعلق آهي. هيستائين 296 ارب رپيا بدعنوان عنصرن کان برآمد ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن.  ٻئي طرف نيب عدالت صاف پاڻي ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن قمر الاسلام ۽ وسيم اجمل کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے