18 اربع , جولاءِ 2018

چونڊ پوسٽر تي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف جا فوٽو لڳائيندڙ پي ٽي آءِ اميدوار نااهل

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) چونڊ مشهوري لاءِ پوسٽر تي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جون تصويرون لڳائڻ تي تحريڪ انصاف اميدوار ناصر چيما کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن گوجرانوالا جي تڪ پي پي 53 تان تحريڪ انصاف اميدوار ناصر چيما کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ پي پي 23 چڪوال تي پي ٽي آءِ اميدوار آفتاب اڪبر ۽ اين اي 64 جي آزاد اميدوار سردار غلام عباس جي نااهلي خلاف درخواستون رد ڪندي رٽرننگ آفيسر جا فيصلا برقرار رکيا. 11چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته غلام عباس جي آمدني ناهي ته اليڪشن ڪيئن وڙهندو، وٽس اين ٽي اين نمبر ناهي، افسوس اسان جا عوامي نمائندا اعليٰ معيار تي ڏکيو ئي پورو لهندا آهن. 11

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے