22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سنڌ مان ماڻهو کنڀڻ تي ڳڻتي، اسٽيبلشمينٽ چونڊن جا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي: سانا

واشنگٽن(ع آ نيوز) سنڌي ايسوسئيسن آف نارٿ آمريڪا جو 34ھون ساليانو ڪنوينشن پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، جنهن ۾ صحت، تعليم، سنڌي ادب۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گُم ڪرڻ ۽ انساني حَقن جي لتاڙ تي مختلف پروگرام ٿيا.سنڌ ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گُم ڪرڻ خلاف سانا پاران ڪيپيٽل ھِل آڏو شاندار احتجاجي مظاھرو ڪري قومي ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ڪنوينشن جي پڄاڻي تي 11 نقاطي قرارداد منظور ڪئي وئي. اسڪائيپ تي ڪراچي مان ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ جامي چانڊئي سميت مختلف شخصيتن حصو ورتو. ادبي ويهڪ ۾ سنڌ جا ناميارا شاعر ادل سومرو، اياز گُل، عبدالغفار تبسم، سميع بلوچ،  عنايت بلوچ ۽ ماهين هيسباڻي شريڪ ٿيا جڏهن ته ڊاڪٽر مٺل وقاصي ۽ آمريڪي سنڍياڻي ايملي هاز شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي مقالا پڙهيا. سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ويهڪ ڍ۾ آءِ  بي اي سکر جي وائيس چانسلر نثار صديقي ۽ سنڌ يونيورسٽي وائيس چانسلر  فتح محمد برفت ۽ ڳالهايو. آخري ڏهاڙي رات جي ماني کانپوءِ  راڳ جي محفل ٿي جيڪا رات دير تائين جاري رهي. محفل ۾ سنڌ جا سريلا راڳي سيف سميجو، صنم ماروي ۽ استاد رجب علي سُر وکيريا ۽ داد وصول ڪيو. پاس ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سانا ميمبرن جي سنڌ ۽ پاڪستان جي حالتن ۾ دلچسپي آهي، پاڪستان 1940 واري قرارداد جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي ۽ واعدي موجب رياستن کي خودمختياري ناهي ڏني وئي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي سنڌ جي ماڻهن کي سندس اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ قومي حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ۽ صوبو ڪالوني بڻيل آهي. ملڪي ۽ صوبائي حڪومتون شهرين خاص طور تي هندن جي حياتين ۽ لڄن جي حفاظت ۾ ناڪام ويون آهن. وفاقي ۽ صوبائي ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ ۽ سياسي اختلافن سبب قتل عام ڪرڻ ۾ ملوث آهن. اختياريون تشدد روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. هنن چيو ته سنڌ ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي نااهلي جو شڪار رهي آهي ۽ ڪا به ترقي نه ٿي سگهي آهي. اسٽيبلشمينٽ چونڊن جا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊن تي اثرانداز ٿي رهي آهي. هنن سنڌ ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ، 1940 جي قرارداد تحت آئيني ترميمون ڪرڻ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ، عورتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ، هندن کي تحفظ فراهم ڪرڻ، کنڀيل ماڻهو آزاد ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل نه ڪرڻ، ڪوڙا مقابلا ختم ڪرڻ، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي روڪڻ، ڪرپشن ختم ڪرڻ، بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. 11

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے