18 اربع , جولاءِ 2018

ووٽ کان انڪاري ووٽرن تي بااثر اميدوارن جو تشدد..

2018ع جي چونڊن جون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ جاري آهن ۽ اتفاق اهو آهي ته چونڊن جي سرگرمين دوران اميدوارن خلاف رد عمل سڄي ملڪ ۾ تقريبن هڪ جهڙو ئي ٿي رهيو آهي، ووٽر پنهنجن اميدوارن کان گذريل دور حڪومت جي ڪارڪردگيءَ متعلق ڪيئي سوال پڇن ٿا، سوالن جوابن دوران ڪيئي تلخيون پيدا ٿين ٿيون ۽ پوءِ اميدوارن کي مڪمل انڪار سان واپس اماڻيو وڃي ٿو، ڪن جاين تي ته چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن خلاف سخت رد عمل پڻ ڏسڻ ۾ آهيو آهي، اها صورتحال سڄي ملڪ جي آهي، سنڌ ۾ پڻ اهڙا ڪيئي واقعا هر روز اخبارن ۾ شايع ٿين ٿا پر جهڙوڪر سوشل ميڊيا اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، ٽي وي چينل ۽ اخبارون اهڙن واقعن ۾ اعتراض جوڳا عنصر ڪٽي سٽي پوءِ پنهنجن خبرن جو حصو بڻائين ٿا جنهنڪري انهن واقعن ۾ آيل تلخيون عوام تائين پهچي نه ٿيون سگهن، سنڌ ۾ پڻ اهڙا ڪيئي واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ ووٽرن اميدوارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ سميت انهن کي موقعي تي سخت سوالن ذريعي سوڙهو ڪيو، پر سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهڙا واقعا به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جن ۾ ووٽرن جي انڪار ڪرڻ تي بااثر اميدوارن ووٽرن تي روايتي طور تي تشدد ڪيو/ ڪرايو ايتري قدر جو ووٽرن کي لاڪپ پڻ ڪرايو، اهڙا واقعن خيرپور ناٿن شاهه پي ايس 83- نواب شاهه جي پي ايس-40 ۽ ميرپورساڪري ۾ پيش آيا آهن، اهي واقع روايتي طور تي بااثر اميدوارن جي انهن زور ۽ زيادتين جي ياد تازي ڪرائي رهيا آهن جيڪي گذريل چونڊن ۾ ٿيندا رهيا آهن،

هن دفعي چونڊن جو منظرنامو اڳ جي چونڊن جي منظرنامن کان ڪافي مختلف آهي، ان جو هڪ سبب ته حڪمران رهندڙ پارٽين پاران عوام لاءِ ڪجهه به “ ڊليور” نه ڪرڻ، انسان زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري نه اچڻ، سماج جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ، عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ، ووٽ جي اهميت متعلق سماج ۾ اهميت جو پيدا ٿيڻ ۽ ووٽ جي اهميت جو احساس ڪرڻ ۽ انهن مڙني سببن کان سڀ کان وڏو سبب آهي سوشل ميڊيا جو ڪردار ادا ڪرڻ ڇو جو هاڻي سوشل ميڊيا عوام کي پنهنجي جذبن جي اظهار جو هڪ اهم ترين، عام، سستو ۽ مفت ذريعو فراهم ڪيو آهي جنهن ڪري به سماج پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي جو اظهار ڪري رهيو آهي،

چونڊن ۾ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ يا اميدوارن کان ڪارڪرگيءَ متعلق پڇا ڳڇا ڪرڻ اهو ووٽرن جو حق هوندو آهي ۽ اهڙي قسم جي روش نه صرف دنيا جي جمهوري معاشرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر اهڙن واقعن کي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جمهوريت دوران وڏي پئماني تي ڏسي سگهبو آهي، ايتري قدر جو  چونڊن ۾ بيٺل اميدوار چونڊ مهم دوران پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندا آهن جتي اميدوار ووٽرن کان تلخ کان تلخ سوال ڪندا آهن،

بااثر اميدوارن پاران ووٽرن تي ڪارڪردگيءَ پڇڻ جي موٽ ۾ ووٽرن تي ڪاوڙ، تشدد ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جيلن ۾ بند ڪرائڻ وارا واقعا هاڻي ته دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۾ به ختم ٿي ويا آهن، پر افسوس جو بااثر اميدوارن پاران ووٽرن تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي تشدد جا واقعا اڃان تائين سنڌ ۾ پيش اچي رهيا آهن، جيڪي انتهائي مذمت لائق آهن،

اطلاعن موجب سنڌ جي ٽن تڪن تي اتان جي بااثر اميدوارن پاران ووٽرن تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي سخت تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي تڪن تي ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ووٽرن کي ڳوٺن مان لڏائڻ، جيل موڪلڻ، ڪوڙا ڪيس قائم ڪرڻ ۽ مالي ۽ جاني نقصان پهچائڻ متعلق ڪيئي خبرون گذريل ڏينهن ۾ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي اينديون رهيون آهن.

اسين سمجهو ٿا ته هڪ جمهوري دور ۾ چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جو طرز عمل ۽ رويو به جمهوريت پسند هجڻ گهرجي، انهن کي عوام پاران ووٽ نه ڏيڻ واري ڳالهه کي ٻڌڻ گهرجي ۽ اهو سوچڻ گهرجي ته آخر ڪار عوام انهيءَ منزل تي پهتو ڪيئن آهي ۽ جو هاڻي سندس ڳالهه ٻڌڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هو ته مورڳو کيس ووٽ ڏيڻ کان ئي انڪاري آهن،

اسين هن موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي اها ڳالهه گوشه گذار ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ پيش آيل اهڙن واقعن جو سختيءَ سان نوٽس وٺي ووٽرن جو تحفظ ۽ انهن جي راءِ جي احترام کي يقيني بڻائڻ سان گڏو گڏ ذميوار ڌرين/ اميدوارن خلاف سخت قدم کڻي، بلڪ اسان ته اها گهر ڪنداسين ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي واقعن ۾ ڪا حقيقي سچائي آهي ته ان اميدوار کي چونڊن ۾ بيهڻ کان نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙا قدم ضرور کنيا وڃن جن سان ووٽرن کي تحفظ جو احساس ٿئي ۽ هو پنهنجي ووٽ جو آزادانه استعمال ڪري سگهي.

اسين انهيءَ سلسلي ۾ ووٽرن کي پڻ گذارش ڪنداسين ته جيڪڏهن ڪنهن به اميدوار کي رد ڪرڻ چاهين ٿا ته هو به ان سلسلي ۾ فضيلت وارو سياسي رستو اختيار ڪن، اميدوار سان احتجاج ضرور ڪن پر سندس توهين نه ڪن، هو جيڪڏهن اميدوار کي رد ڪرڻ چاهين ٿا ته هو کيس رستي ويندي رد نه ڪن بلڪه پولنگ اسٽيشن تي وڃي کيس ووٽ جي پرچيءَ سان رد ڪن، سندس نشان کي رد ڪري کيس رد ڪن، کين پنهنجي ووٽ ذريعي رد ڪن.

اڱارو 10 جولاءِ 2018ع، 25 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊن دوران امن امان هر حال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت

وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے