23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران ڪوڙن جو بادشاهه، نواز شريف کي رائيونڊ نه وڃڻ ڏيندا: شهباز شريف

ننڪانه صاحب(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف هن ئي مٽي جو سپوت آهي. ڪارڪن نواز شريف جو شاندار استقبال ڪندا ۽ انتظاميا ڪارڪنن جي رستي رنڊڪ نه وجهي. نواز شريف ڄاڻي ٿو ته  رائيونڊ نه وڃڻ ڏنو ويندو پر جيل ۾ وڌو  ويندو. عمران خان ڪوڙن جو بادشاهه آهي. منهنجو منشور آهي ته عمران خان سياست ڇڏي ڪنهن هجري ۾ ويهي الله الله ڪري.  تفصيل موجب  ننڪانه صاحب ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شيرف چيو ته پنج سالن ۾ ايترا بجلي جا منصوبا دنيا جو ريڪارڊ آهي. ٻئي پاسي الزام خان 2013ع ۾ چيو هو ته سڄي پاڪستان کي بجلي مهيا ڪندس ۽ تازو ئي ڪجهه مهينا اڳ هن چيو ته مون 72 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي آهي. پشاور ۾ ڊينگي آيو ته خان صاحب نٿيا گهڙي جي پهاڙن تي چڙهي ويو  بيان ڏنو ته سيارو اچي ويندو ۽ ڊينگي ختم ٿي ويندو جڏهن ته اسان پنجاب مان ڊاڪٽر ۽ دوائون موڪليون. هن چيو ته اسان پنجاب ۾ اربين رپيا لڳائي يورپ جهڙا ڊي ايڇ ڪيوز بڻايا جڏهن ته خان صاحب چيو هو ته آئون ڪي پي ۾ اسپتال بڻائيندس پر هن ڪجهه به نه ٺاهيو.  هن چيو ته ڪوڙو خان صاحب پنجاب ۾اچي ته آئون ٻڌائيندس ته اسان پنجاب ۾ ڇا ڪيو آهي. شهباز شريف ڪارڪنن کي چيو ته نواز شريف 13 جولاءِ تي لاهور ايئرپورٽ تي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ اچي رهيو آهي ۽ سندس گهرواري لنڊن ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي. هو ڄاڻي ٿو ت هن کي رائيونڊ نه موڪليو ويندو ۽ جيل ۾ موڪليو ويندو پر هن چيو ته آئون جيل ۾ به عوام سان گڏ رهندس. هن عوام ڪئي ته هو انتهائي پر امن طريقي سان ساڻس ٻڌي جو اظهار ڪن ڀڄ ڊاهه نه ڪن. آئون انتظاميا ۽ پوليس کان گذارش ٿو ڪيان ته اسان جي جيالن کي ايئرپورٽ وڃڻ ڏيو هي ڪا به ڀڄ ڊاهه نه ڪندا ۽ نواز شريف جو استقبال ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے