25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رينجرز جي ڪارروائي: ڪروڙين رپين جو گٽڪو، سوپاري ۽ سگريٽ هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز اهلڪارن بلديا ٽائون ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ماليت جو گٽڪو، سوپاري، سگريٽ ۽ دوائن سميت ٻيون اسمگلنگ جو سامان هٿ ڪري ورتو. تفصيل موجب رينجرز ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ بس ٽرمينل يوسف ڳوٺ تي ڇاپو هنيو، ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ گٽڪو، سوپاري، سگريٽ، ٽائر، پرڏيهي دوائون هٿ ڪيون ويون. رينجرز اهلڪارن چار ڪروڙ جي ماليت جو 66 ٽن گٽڪو، 200 ٽن سوپاري ۽ 200 ڪارٽن سگريٽ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، بعد ۾ هٿ ڪيل گٽڪو، سوپاري ۽ ٻيو سامان ڪسٽم اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل 66 ٽن گٽڪو افغانستان مان بلوچستان جي رستي آندو پئي ويو، رينجرز 12 جون تي ماڙ پور روڊ تان 5 ڪلو گٽڪو اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي هئ، ۽ جاچ جو دائرو وسيع ڪندي بلديا ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے