23 آچر , سيپٽمبر 2018

اداڪارا ثمن انصاري شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ثمن انصاري شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪاميابين جا رڪارڊ قائم ڪندڙ ڊرامي ”خاني“ ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ مير هادي (فيروز خان) جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ثمن انصاري شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اداڪارا ثمن انصاري پنهنجي وليمي جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جڏهن ته هن پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ به تصويرون جاري ڪيون. واضح رهي ته 44 ورهين جي ثمن انصاري ”خاني“ کان اڳ به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے