19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ جون حالتون بلوچستان کان وڌيڪ خراب آهن: عمران خان

شهدادڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪا سنڌ ۾ ڦرلٽ ٿي رهي آهي اها ڪنهن صوبي ۾ ناهي ٿي رهي، اڄ بلوچستان کان وڌيڪ خراب سنڌ جون حالتون آهن. شهداد ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 22 سالن کان اچي رهيو آهيان، هتي پاڻي ناهي ۽ بجلي به ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هزارين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار آهن، افسوس ٿيو جو هتي ڪا به وڏي اسپتال ناهي، چار ارب رپين ۾ بهترين اسپتال بڻجي پئي سگهي. عمران خان چيو ته 25 جولاءِ تي توهان کي پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي جيڪو هر ڀيري ناهي ملندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  اهي سنڌ جي ماڻهن کي انسان ناهن سمجهندا، هو عوام تي خوف تي حڪومت ڪندا آهن. عمران خان چيو ته آصف زرداري کان پڇان ٿو ته توهان کي ننڊ ڪيئن ايندي آهي؟ ٻن پارٽين 2008 ۾ فيصلو ڪيو ۽ واري واري سان حڪومتون ڪنديون رهيون. هو اسيمبلي ۾ ويهي نورا ڪشتي کيڏندا رهندا. هن چيو ته جڏهن اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريمنواز کي سزا ٿي ته ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ان جي پٽ خوشيون ملهايون. هن چيو ته شهباز شريف فڪر نه ڪيو، آئون توهان جي به پٺيان اچان پيو. هن چيو ته سنڌ جي عوام سان ظلم ٿي رهيو آهي، توهان کي انهن مظلومن جي خلاف بيهڻ گهرجي، 25 جولاءِ تي پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي خلاف وجهو. هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي عوام تي پيسا خرچ ڪنداسين ۽ نوجوانن کي روزگار ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے