26 اربع , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم وارا ٻڌائن ته انهن سان زيادتي ڪير ڪري رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا ٻڌائن ته انهن سان زيادتي ڪير ڪري رهيو آهي، توهان مهاجرن سان زيادتي ڪري رهيا آهيو. ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته انتظاميا تبديل ٿي چڪي آهي، ٻڌايو وڃي ڪير زيادتي ڪري رهيو آهي، اسان جي نظريي مان متاثر ٿي ماڻهو پي ايس پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، پي ايس پي جي ڪري ماڻهو مرڻ وارو عمل بند ٿي ويو، اسان جي ڏس جي نوجوانن هٿيارن جا ذخيرا پوليس کي ڏئي ڇڏيا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا الزام هڻندا هئا ته اسان مهاجرن جي دشمنن ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ورغلائيندا هئا ته پي ايس پي ۾ نه وڃو، اسان دشمنن وٽ نه پر نفرتون ختم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين، سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين وٽ وڃي مراعتون نه گهريون سين پر جيڪا دشمني هئي، ان کي ختم ڪيوسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے