24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاريءَ لاءِ نيب جي حڪمت عملي تيار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌايل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ گرفتارين جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري لاءِ چار ٽيمون جوڙڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ آفيسرن نيب جون ٻه ٽيمون اسلام آباد ۽ ٻه لاهور ايئرپورٽ تي مقرر ڪرڻ جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو، جڏهن ته هڪ ٽيم ۾ 6 کان 7نيب اهلڪار شامل هوندا، ان ڏس ۾ پوليس کان به مدد ورتي ويندي. نيب ٽيم ۾ ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عهدي جا آفيسر شامل هوندا، هنگامي صورتحال ۽ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي بڪتربند گاڏي به استعمال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ تجويز تي غور ڪيو ويو ته نواز شريف جي لاهور ايئرپورٽ تي لينڊ ٿيڻ جي صورت ۾ کيس اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے