24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيب آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وارثن کي به طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جي گهرواري، سندس ٻارن ۽ ناٺي کي طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب نيب آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ واري الزام ۾ پرويز مشرف خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر جي گهرواري صهبا، پٽ بلاول، ڌيءَ عائله ۽ ناٺي عاصم کي 11 جولاءِ ت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب بيگم صهبا مشرف کي هڪ گهر، ٽي پلاٽ ۽ 6 گاڏين جي تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا، بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس آهي.  مئي ۾ ڪيس جي جاچ دوران نيب پرويز مشرف ۽ سندس گهروارن جي گاڏين جي تفصيل به حاصل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے