24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان هن وقت پرڏيهي معاملن تي سخت ڏکيائين جو شڪار آهي: شيري رحمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت پرڏيهي معاملن تي سخت ڏکيائين جو شڪار آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن سينيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيده بندوبستن جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته اليڪشن جو وقت آهي، خاص ماحول بڻجي ويو آهي، البت اليڪشن کي تڪراري بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سياست هتي منع آهي، اميد آهي ته اسان هڪ سطح تي بحث ڪنداسين، اميد آهي ته اليڪشن شفاف ۽ غيرجانبدار ٿيندي. شيري رحمان جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي  قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نيڪٽا سياستدانن تي حملن جي رپورٽ ڏني آهي، ان رپورٽ کي اسان ٻن رخن کان ڏسي سگهون ٿا، ان ضمن ۾ سنجيدگي ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ جو نالو پي ايم سي فنڊ رکڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ديا مر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے