17 اڱارو , جولاءِ 2018

سعودي عرب ۾ فوجي چوڪي تي  حملي ۾ اهلڪار سميت 2 فوجي مارجي ويا

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز جي چوڪ تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. سعودي ميڊيا موجب صوبي قصيم جي شهر بريده ۾ 3 ڪار سوار حملي آورن فوجي چوڪي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ هڪ فوجي آفسر ۽ ٻيون پرڏيهي شهري آهي جنهن جو تعلق بنگلاديش سان ٻڌايو پيو وڃي پر ان جي مڪمل سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. سعدي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملي آور ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪري طبي امداد جي لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي. سعودي اختيارين واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے