23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: پي ايس 34 ۾ ڪارنر گڏجاڻي، پ پ جو ظلم برداشت نه ڪبو: ميان غوث بخش چانگ

In the PS 34, the Corner meeting will not be tolerated: Mian Ghous bux Changلاکا روڊ پي ايس 34 جي آزاد اميدوار ميان غوث بخش چانگ چيو آهي ته سنڌ جو عوام پ پ جو وڌيڪ ظلم برداشت نٿو ڪري سگهي، هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي.

مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي غوث بخش چانگ چيو ته پ پ جي چونڊيل نمائندن اسڪولي عمارتون، روڊ رستا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، پ پ وارن کي عوام کي ڪا به سهولت ناهي ڏني.

هن چيو ته پ پ هٿ وٺي فصلن جا اگهه گهٽائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي، سڀني ڏٺو ته پ پ جي حڪومت دوران سنڌ جي نياڻين کي ڪراچي جي روڊن تي گهليو ويو.

سندس چوڻ هو ته پ پ جي ڪرپٽ نمائندن مان هاڻي جند ڇڏائڻ جو وقت آهي، هو عوام جي طاقت سان ڪاميابي ماڻي سندن خدمت ڪندو.

هوڏانهن مختلف ڳوٺن جي دورن دوران ڪيترين ئي برادرين غوث بخش چانگ جي حمايت جو اعلان ڪيو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے