22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڏوهارين جي ريلي کي سهولت ڏيڻ قانون سان ڀوڳ آهي: ڊاڪٽر طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ڏوهارين جي ريلي کي سهولتون ڏيڻ قانون مذاق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيند يڪيو. هن چيو ته تڪبر شريف خاندان کي ذلت جي آخري درجي تي آڻي بيهاريو آهي. طاهر القادري وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ايشين ٽائيگرز بڻائڻ جي دعويٰ ادارن ملڪ کي ايشيا جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي، اڄ پاڪستان پرڏيهه مان ايندڙ فنڊ جي رحم تي آهي. پي ٽي اي جي سربراهه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ جيل ويا پر ڪنهن جنگ جو اعلان نه ڪيو. طاهر القادري ملڪ ۾ تبديلي جي حوالي سان چيو ته هتي اهڙو نظام گهرجي جنهن ۾ ڪو به شخص رياست کي بليڪ ميل نه ڪري سگهي، سندس اشارو ڪيپٽن (ر) صفدر ڏانهن هو جن گرفتاري ڏيڻ واري معاملي تي ريلي ڪڍي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽيون اشرافيا بڻايون جيئن پنهنجي غير قانوني مال کي پاڻ بچائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي آرمي چيف ڌمڪيءَ کان اڳ سيپٽمبر تي تاريخ ياد رکي ها: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے