22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مردان جي 4 سالن جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

مردان(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت مردان ۾ زيادتي بعد 4 سالن جي اسماءِ کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد نبي کي عمر قيد ۽ 10 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته مردان جي ڳوٺ گوجر ڳڙهي جي علائقي جندرپار جي 4 سالن جي ٻارڙي اسما جو لاش 15 جنوري تي گهر ڀرسان ٻنين مان هٿ ٿوي هو، جنهن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تصديق ٿي هئي ته ٻارڙي کي  زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. بعد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار ٻارڙي جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. ٻئي پاسي ٻارڙي جي قتل بعد ڪي پي ڪي حڪومت 145 ماڻهن جي ڊي اين اي جا نمونا پنجاب فرانزڪ ليب موڪليا ۽ ٻارڙي جي ڊي اين اي ميچ ٿيڻ کان پوءِ جوابدار محمد نبي کي گرفتار ڪري 7 فيبروري تي کيس ميڊيا جي آڏو پيش ڪيو هو. آر پي او موجب محمد نبي ٻارڙي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے