22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سعد رفيق سان جميعت اهل حديث پروفيسر ساجد مير جي ملاقات، حمايت جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجا سعد رفيق سان جميعت اهل حديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير ملاقات ڪئي  جنهن ۾ ساجد مير اين اي 131 ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سعد رفيق جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ملاقات ۾ جميعت اهل حديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير جو چوڻ هو ته اسان جي شوريٰ ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ عام چونڊن ۾ اسان ليگي اميدوارن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيون ٿا. خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته نواز شريف جو استقبال اسان جو جمهوري حق آهي ۽ سڄي مسلم ليگ ن نواز شريف جو ڀرپرو ۽ پرامن استقبال ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 70 سالن ۾ ايتري ترقي ناهي ٿي جيتري گذريل 5 سالن ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي فيصل رضا عابدي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے