20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو دل لڳائڻ جو آپريشن ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو دل لڳائڻ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ دل جي مرضن بابت قومي اداري ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو دل لڳائڻ جو ڪامياب آپريشن ٿيو. 62 ورهين جي نفيسا ميمڻ کي مڪينيڪل دل لڳائي وئي آهي، جنهن جي دل رڳو 15 سيڪڙو ڪم ڪري رهي هئي. ڊاڪٽرن جي ٽيم جي سربراهي مشهور هارٽ ٽرانسپلانٽيشن ڊاڪٽر پرويز چوڌري ڪئي، جڏهن ته ان جي ميمبرن ۾ آمريڪي ڊاڪٽر به شامل هئا. هارٽ ٽرانسپلانٽيشن آپريشن لاءِ لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ گهربل هوندا آهن. آپريشن کانپوءِ اين آءِ سي وي ڊي سربراهه ڊاڪٽر نديم ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو. ناليوري سرجن ڊاڪٽر پرويز چوڌري جو چوڻ هو ته اها هڪ هٿرادو دل آهي، جيڪا لڳائڻ تي هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا خرچ ايندو آهي. هن ٻڌايو ته هٿرادو دل لڳائڻ جو عمل ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ مريض جي حالت به خطري کان ٻاهر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے