26 اربع , سيپٽمبر 2018

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ حڪم نامو ناهي مليو: گهرو وزارت

There was no order to stop Asif Ali Zardari and Faryal Talpur from being excluded: Home Ministryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو سيڪريٽريءَ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٽن نجي بئنڪن جي سربراهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) طرفان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف رزداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو  اسٽاف لسٽ ۾ وجهڻ جون خبرون سامهون آيون هيون. گهرو سيڪريٽريءَ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو اي سي ايل لسٽ ۾ وجهڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. گهرو سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪو به حڪم نامو جاري ناهي ڪيو ويو  ۽ ان حوالي سان عدالت حڪم نامو ملڻ تي معاملي کي ڏسنداسين. ياد رهي ته ايف آءِ اي ان ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي حسين لوائي کي پڻ گرفتار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے