22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ٽه ملڪي سريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو انعام، فخر زمان ٽي20 رينڪنگ ۾ ٻي پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو

Excellent performance award in a row matches, Fakahr Zaman captured 2nd position in 20 overs.دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسٽار اوپنر فخر زمان جي رينڪنگ ۾ بهتري 44 درجن وڏي اڏام ڀريندي  ٻئي پوزيشن تي پهچي ويو. ٽي ملڪي ٽي سريز ۾ شاندار ڪارڪرگي ڏيکارڻ جو انعام فخرزمان کي رينڪنگ ۾ وڏي ترقي جي صورت ۾ مليو آهي. سريز دوران ڪيريئر بيسٽ 91 رنسن جي اننگز سميت 278 رنسون ٺاهيندڙ فخرزمان 43هين نمبر تان وڏي اُڏام ڀريندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي . سريز دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اننگز کيڏندڙ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ 3 درجا بهتري سان گڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڀارتي بيٽسمين لوڪيش راهول ٽئين، ڪولن منرو چوٿين،  بابر اعظم پجين، ميڪسويل ڇهين، ايون ليوس ستين، مارٽن گپٽل اٺين نمبر تي هليا ويا آهن، ايلڪس هيلز جي نائين پوزيشن برقرار آهي جڏهه ڊارسي شارٽ ترقي ڪندي ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے