18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

تاج محل جي مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن جي نماز پڙهڻ تي پابندي

Restrict non-Muslim people 'prayers in the Taj Mahal mosqueنئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاج محل جي مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن کي نماز ادا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر ۾ فيصلي ۾ تاج محل سان لاڳاپيل مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن جي  نماز ادا  ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو آگرا جي رهواسين کي سڃاڻپ بعد مسجد ۾ جمعي نماز جي ادا جي اجازت ڏني ويندي.ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تاج محل دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ قومي ورثو آهي جنهن جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آهي انڪري تاج محل جي مسجد ۾ سياحن ۽ غيرمقامي ماڻهن جي نماز ادا ڪرڻ  سان سيڪيورٽي خدشن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ جمي نمازدوران وڌيڪ پيهه سبب خوبصورت تاج محل کي نقصان  پهچڻ جو به امڪان آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ مقامي عدالت پڻ اهڙي قسم جي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن تي هڪ شهري سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جڏهن ته سپريم ڪورٽ مقامي انتظاميا جي فيصلو براقرار رکيو آهي، اهڙو ئي فيصلو 2013 ۾ ثقافت کاتي جي طرفان پڻ سامهون آيو هو پر ان ته عملدرآمد نه ٿي سگهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The man arrested in the outskirts of masjid nabawi, arrested

مسجد نبويءَ جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار

مدينو شريف( ويب ڊيسڪ ) مسجد نبويءَ صعلم جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے