21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ۾ فوجي چوڪي تي حملو، اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

The attack on military checkpoints in Saudi Arabia killed 2 people including a commanderرياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. سعودي ميڊيا جي رپورٽن موجب قصيم صوبي جي شهر بريده ۾ ٽن ڪارسوار حملي ڪندڙن فوجي چوڪي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ ۾ هڪ فوجي آفيسر ۽ ٻيو غيرملڪي شهري آهي جنهن تعلق بنگلاديش سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ان جي مڪمل سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. سعودي فورسز جي جوابي ڪاروائي ۾ حملو ڪندڙن مان هڪ ڄڻو ٿڏي تي ئي فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيوويو آهي. سعودي اختيارين واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے