18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

جاپان ۾ طوفاني برساتن جي تباهي جاري، مختلف حادثن ۾ 100ڄڻا فوت، 20 لک شهري دربدر

Tropical rainfall in Japan continued, in different accidents 100 people died, 20 million urban displacedٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ تاريخي طوفاني برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 100 ٿي ويو جڏهن ته بي گهر ماڻهن جو انگ 20 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، حڪومت 40 لک شهرين کي لڏپلاڻ ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.جاپاني اختيارين موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ جاپاني تاريخ جي سڀ کان خوفناڪ برساتن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ اچي وئي ۽ سمورا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ جي واقعا پڻ پيش آيا جنهن سبب فوتگيون ٿيون، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا جڏهن ڪيترائي گهر سخت متاثر پڻ ٿيا. مختلف شهرن ۾ تباهي ئي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون سيڪيورٽي فورسز سميت حڪومت فوج کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي جيڪي ٻڏل علائقن ۾ ٻيڙين جي مدد سان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن. جاپاني ميڊيا جي رپورٽن موجب هن وقت تائين فوت ٿيندڙن شهرين جو انگ 100 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، متاثر علائقن جا 20 کان وڌيڪ رهواسي پنهنجا گهر ڇڏي وڃي چڪا آهن. ڪيترائي ماڻهو زخمي آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 50 ڄڻا اڃان تائين گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.  جاپاني اداري جاپانيز پبلڪ ڪاسٽر موجب اواجيما شهر ۾ رات پنجين کان ستين وڳي تائين رڳو ٻن ڪلاڪن جي دوران 364 ملي ميٽر يعني ساڍا 14 انچ برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح هڪ ٻئي شهر سوڪومو ۾ ٻن ڪلاڪن دوران 263 ملي ميٽر(ساڍا 10) برسات پئي. حڪومت موجب آچر کان برسات جي هڪ نئين سلسلي جي اڳڪٿي ٿي آهي، جنهن سبب مغربي ۽ مشرقي علائقن کان چاليهه لک ماڻهو کي سندن علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. وارننگ ۾ چيوويو آهي ته انهن علائقن ۾ رهندڙن کي طوفاني برساتن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ برساتي وهڪرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ان لاءِ هو هتان کان ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن لڏپلاڻ ڪن. جاپاني وزيراعظم شنزوابي هن سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 54 هزار کان وڌيڪ امدادي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے