23 آچر , سيپٽمبر 2018

اتر ڪوريا تان سموريون پابنديون جوهري پروگرام جي خاتمي بعد هٽايون وينديون:آمريڪا

All restrictions on North Korea will be removed after North Korea's withdrawal: Americaٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته جستائين اتر ڪوريا پنهنجي جوهري پروگرام مڪمل طور تي ختم نٿو ڪري ڇڏي ۽ ان جي سمورن هٿيارن کي ختم ڪرڻ جي تصديق نٿي ٿي وڃي ان وقت تائين ان تي پابنديون برقرار رهنديون. ٽوڪيو ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي گهرو وزيرن سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مائيڪ پومپيو چيو آهي اسان اتر ڪوريا سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي سان تمام گهڻو پُر اميد آهيون پر رڳو اڳڀرائي اقتصادي پابندين جي خاتمي جو جواز نٿي بڻجي سگهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا کي ان واعدي موجب پنهنجا سمورا جوهري هٿيار ختم ڪرڻا پوندا جيڪو اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان 12 جون تي سنگاپور  ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيل ملاقات ڪيا هئا. مائيڪ پومپيو اتر ڪوريا جي ٻن ڏينهن واري دوري بعد ڇنڇر واري شام جو جاپان پهتو هو. ان جي هن دوري جي پڄاڻيءَ تي  اتر ڪوريا جي حڪومت طرفان جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا غنڊن جيان جوهري هٿيارن جي مڪمل خاتمي جو چئي رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ملاقات جي نتيجي ۾ هڪ اهڙي مرحلي جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن ۾ جوهري هٿيارن جي خاتمي جو اسان جو عزم مضبوط ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے