19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: سنڌ سرڪار کي اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم

Karachi: The Sindh government orders to vacate the Islamic Education Trust buildingڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ سرڪار کي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت سنڌ سرڪار کي 9آگسٽ تائين عمارت خالي ڪرڻ جي مهلت پڻ ڏني آهي ان موقعي تي سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته درخواست گذار جو حق مشڪوڪ آهي.ان موقعي تي عدالت سنڌ سرڪار  جي وڪيل کي چيو ته هي 30 سالن کان دربدر آهن ۽ فيصلو به هنن جي حق ۾ اچي ويو آهي توهان ڪئين ٿا چئو ته دعوا مشڪوڪ آهي .درخواست گذار چيو ته ماتحت عدالت نيو ايم اي جناح روڊ تي واقع اسلاميه ڪاليج ۽ اسڪولن جون عمارتون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمارت خالي نه ڪرڻ تي سيڪريٽري ڪاليج پرويز سيهڙ ، سيڪريٽري تعليم اقبال دراني کي ڌر بڻايو ويوهو درخواست گذار عدالت کي ايپل ڪئي ته عملدرآمد نه ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے