25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

کلڻ منع آهي

موڪل جي درخواست

هڪ ملازم پنهنجي آفيس ۾ موڪل جي درخواست ۾ لکيو: گهر جي صفائيءَ لاءِ هڪ ڏينهن جي موڪل جي ضرورت آهي……مهرباني ڪري درخواست نامنظور ڪيو ته مون تي مهرباني ٿيندي.

زال

هڪ همراهه پنهنجو مستقبل معلوم ڪرڻ لاءِ نجوميءَ وٽ پهتو، نجوميءَ هٿ ڏسي چيو، اوهان جي ٻڍڙائپ وڏي سڪون ۽ آرام سان گذرندي، جنهن تي همراهه اهو ٻڌي خوش ٿي ويو ۽ چيو، ڇا سچ ۾ منهنجي زال مون کان اڳ هن دنيا مان هلي ويندي!!

فقير

فقير: صاحب! 30 رپيا ته ڏي چانهه پيئندس. همراهه: چانهه ته 15 رپين ۾ ملندي آهي. فقير: گرل فرينڊ کي به پيئاريندس سائين. همراهه: واهه واهه فقيرن وٽ گرل فرينڊ وڏي ڳالهه آ! فقير: نه صاحب!…..گرل فرينڊ فقير بڻائي ڇڏيو آ….

ڌماڪو

هڪ ڪتو ٻئي ڪتي کي: اڙي هيڏي اڄڪلهه جتي وڌيڪ هجوم يا رش ڏسين ته اتان نڪري ويندو ڪر…ٻيو ڪتو: ڀلا ائين ڇو؟؟ پهريون ڪتو: جيڪڏهن ڌماڪو ٿي ويو ته انسانن جو موت مارجي ويندين…!!

نڪاح

هڪ عورت جنت ۾ فرشتي کي چيو، منهنجو نڪاح منهنجي دنيا واري مڙس سان ڪرايو، فرشتي چيو: نڪاح ته ڪرائي ڇڏيون پر پهريان ڪو مولوي ته جنت ۾ اچي!!!..

باهه

استاد: ڪو اهڙو ڪم ٻڌايو، جيڪو عورتون ڪم نه ڪري سگهن؟ شاگرد: فائر برگيڊ (FIRE BERGADE) استاد: اهو ڪيئن؟ شاگرد: اهو ان لاءِ ته عورتن جو ڪم باهه لڳائڻ هوندو آهي، باهه وسائڻ نه!!!

 

وليمو ۽ ڪانڌپو…

زال مڙس کان پڇيو: جيڪڏهن مان مري وڃان ته پوءِ تون ڪيتري عرصي کان پوءِ شادي ڪندي.

مڙس جواب ڏنو: هي مهانگائي جو دور آهي، سوچيان ٿو ته ڪانڌپي کي وليمي ۾ تبديل ڪري ڇڏيان….!!

رات جا ٻارنهن…

هڪ همراهه رات جو ٻه وڳي اسپتال پهتو ته نرس کي خوشخبري ڏني: ”مبارڪ هجي اوهان کي…. رات ٻه وڳا آهن ۽ اوهان به ٻن ٻارن پيءُ بڻجي ويا آهيو…“

همراهه حيران ٿيندي جواب ڏنو: ”خدا جو شڪر آهي جو ٻه وڳي پهتو آهيان، جيڪڏهن ٻارهين وڳي پهچان ها ته….!؟؟؟“

توکي خبر ڪيئن پئي..؟؟

هڪ ڏينهن ڇوڪري پنهنجي ماءُ کان پڇيو: اما! ڇا اوهان مون ڄمڻ کان اڳ ۾ ڏٺو هو؟ ماءُ: نه پٽ!

ڇوڪرو: ته پوءِ اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان اوهان جو ئي پٽ آهيان…؟؟

فقير جي سدا…

هڪ فقير اچي هڪ همراهه جي گهر تي سدا هئين: ”مان خدا جو مهمان آهيان، جيڪا ٿي منهنجي مدد ڪريو!“

همراهه فقير کي هٿ مان وٺي مسجد ۾ پهتو ۽ چيائينس: ”هي آهي خدا جو گهر!“

شوگر چيڪ…

هڪ همراهه روزانو پنهنجي گهر ۾ کنڊ جي برني کڻي ڏسي وري ان بند ڪري واپس رکي ڇڏيندو هو. سندس زال اچي تنگ ٿي، کيس چيائين: هي تون روز روز ٿو کنڊ ڏسين….

مڙس جواب ڏنس: مون کي ڊاڪٽر چيو آهي ته تون روزانو پنهنجي شوگر چيڪ ڪندو ڪر…!

سڀ کان وڌيڪ بيوقوف…

استاد: توهان ٻارن مان سڀ کان وڌيڪ بيوقوف ڪير آهي؟

هڪ شاگرد اٿي بيهي چيو: جيڪڏهن توهان ٻارن مان ڪنهن به جواب ڏنو ته رسيس ۾ ان جو خير ناهي…!!

 

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے